جاڙا چنڊ

جاڙا چنڊ (ڪتاب ):هي شعري مجموعو نامور شاعر الطاف عباسيءَ جو آهي، جنهن کي نامور دانشور محمد ابراهيم جويي سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ پاران اپريل 1979ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. 256 صفحن تي مشتمل هن ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي، ڪتاب ۾ ناشر پاران ٻه اکر محمد ابراهيم جويي جا ۽ مهاڳ نامور شاعر امداد حسينيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ مختلف صنفن تي ٿيل شاعري هنن عنوانن سان ڏني وئي آهي: ’صحرا ۾ سارنگ‘ (وايون)، ’موجن منجهه ڪنول‘ (غزل)، ’املهه ماڻڪ‘ (نظم)، ’آءُ اڪيلو هيڪل آءُ‘ (گيت) ۽ ’ڪستي ۾ ڪڻا‘ (مختلف صنفون) الطاف عباسيءَ جي هن ڪتاب ۾ جديد شاعريءَ سان گڏ قومي خيال به موجود آهن.



هن صفحي کي شيئر ڪريو